رستم فقير لغاري

رستم فقير لغاري: نامور ڪافي گو شاعر رستم فقير لغاري، سنڌ جي لغاري قبيلي جي علياڻي پاڙي مان هو. سندس والد جو نالو نبي بخش هو، جيڪو ڀاڳناڙيءَ جو ويٺل هو. 1810ع ڌاري رستم فقير جو ڀاڳناڙيءَ ۾ جنم ٿيو. ان بعد سندس والد ۽ چاچو لڏي اچي تعلقي شهدادڪوٽ جي ڳوٺ تاجو لغاريءَ ۽ ڳوٺ مينهين لغاريءَ ۾ ويٺا. هن مڪتبي تعليم اُتي ورتي، پوءِ لڏي اچي ڳوٺ سهراب خان لغاري، تعلقي ميرو خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ويٺا. رستم فقير مختصر پڙهيو، جوانيءَ ۾ ڏاڍو مڙس هو. ستار تي ڳائيندو به هو، جڏهن فقيريءَ جو خيال ٿيس ته ارڏايون ڇڏي عثمان فقير سانگيءَ وٽ فقيريءَ جي واٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. ٻارهن مهينن تائين سانگيءَ وٽ پنڌ ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن عثمان فقير ڏانهن ويو پئي ته سامهون عثمان فقير به ٻالڪن سان گڏ کيس رستي تي اچي مليو. رستم فقير کي نوشهري فيروز ۾ شاهه نصير وٽ وٺي ويو، جتي هو ان جو مريد ٿيو، ان بعد هن شاعري ڪئي. شاعريءَ ۾ کيس ڪافيءَ تي عبور حاصل هو. سندس اڪثر ڪافيون محبوب جي سونهن، سڪ ۽ فراق ۾ چيل آهن. سندس ڪيتريون ڪافيون سلوڪ واريون آهن، جيڪي فڪر ۽ معنيٰ جي لحاظ کان اهميت واريون آهن. رستم فقير، عثمان فقير سانگيءَ جي صحبت ۾ رهندي خوش خير محمد فقير هيسباڻيءَ جو طالب ٿيو، جيڪو پڻ پنهنجي وقت جو وڏو ڪافي گو شاعر هو. عثمان فقير سانگي، رستم فقير لغاري، موهن فقير ۽ ٻيا درگاهه سان لاڳاپيل هئا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، رستم فقير جون ڪجھه ڪافيون پنهنجي ڪتاب ’ڪافيون‘ جلد پهرئين (1985ع) ۾ شامل ڪيون آهن.
سنڌيءَ جي هن بزرگ شاعر 90 سالن جي عمر ۾ 1900ع ڌاري اباڻي ڳوٺ مينهين لغاريءَ ۾ (شهدادڪوٽ) ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه اتي ئي آهي.


لفظ رستم فقير لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو